ڀانگ ڀاڱ

ڀانگ/ڀاڱ: سمنڊ ۾ چنڊ جي پھرئين ۽ ٽئين ھفتي ۾ چڙھندڙ ھلڪي وير. سمنڊ ۾ چنڊ جي تاريخن جي حساب سان وير چڙھندي آھي. پھرين تاريخ تمام ھلڪي وير، ان کان پوءِ هوريان هوريان وير وڌندي رھندي، تان جو چوڏھينءَ تاريخ تي وڏي وير چڙھندي آهي. ڪن ڪن ھنڌن تي وير ڏھن فوٽن تائين به چڙھندي آھي، وري پندرھينءَ تاريخ کان وٺي وير جو مقدا ر گھٽجڻ لڳندو آھي، تان جو اماس جي رات تمام ھلڪي وير چڙھندي آهي. چنڊ جي پھرينءَ تاريخ ۽ 21 تاريخ، جڏھن چنڊ اڌ روشن ھوندو آھي ته انھن تاريخن تي جيڪا وير چڙھندي آهي ان کي ”ڀانگ“ يا ”ڀاڱ“ چوندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو